فيصل آباد ۾ گلو راڄ سبب ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو شاهه محمود قريشي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فيصل آباد ۾ گُلو راڄ سبب ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، سرڪاري جماعت جي ڪارڪنن ۽ اهلڪارن فائرنگ ڪري پي ٽي آءِ جي هڪ ڪارڪن کي قتل ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصل آباد جي اڄوڪي صورتحال جو جائزو وٺي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته گلو راڄ سبب فيصل آباد ۾ اڄ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي پر هو حتمي طور فيصل آباد پهچڻ کان اڳ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهي.

هن چيو ته اليڪشن ٽربيونل ڪراچي جي هڪ اهم فيصلي جنهن ۾ غوث علي شاهه کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، ان سان پي ٽي آءِ جا اِهي الزام ثابت ٿي ويا آهن ته چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون ٿيون ۽ پي ٽي آءِ گذريل ڏيڍ سال کان اها ئي دانهن ڪري رهي آهي، جنهن کي ورنايو نه پيو وڃي.

هن چيو ته قومي معيشت کي پي ٽي آءِ جي ڪري نه پر حڪومتي هوڏ جي ڪري نقصان رسيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*