شڪارپور سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙَي جو صحت واري سيڪريٽري نوٽيس ورتو،رپورٽ طلب

shikarpur-map

شڪارپور سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙَي جو صحت واري سيڪريٽري سعيد مڱڻيجَي نوٽيس وٺندي ڊي ايڇ او کان ٽن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

گذريل ڏينهن رستم چوڪ واسي 6 ورهين جو ٻارڙو شيراز احمد سول اسپتال ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد وارثن سخت احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي.

ٻارڙَي جي وارثن جو چوڻ هو شيراز احمد کي معمولي تڪليف سبب اسپتال آندو ويو پر ڊاڪٽرن پاران غلط انجيڪشن هڻڻ سبب هــُو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

صحت واري سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجي ٻارڙَي جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايڇ او شڪارپور کان ٽن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*