ڪراچي ۾ اينٽي ڪرپشن ڪميٽي ون جو اجلاس،12 ڪروڙ رپين جي بدعنوانين ۾ 16 ڪيسن جي اوپن انڪوائري جي به منظوري

Chief-Secretary-Siddique-Me

سنڌ حڪومت جي اينٽي ڪرپشن ڪميٽي ڄامشوري جي اڳوڻي ڊي سي آيو خان مري ۽ ڪي ڊي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر عبدالقوي خان سميت 31 آفيسرن خلاف بدعنوانين جي جاچ لاءِ 6 ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته 12 ڪروڙ رپين جي بدعنوانين  ۾ 16 ڪيسن جي اوپن انڪوائري جي به منظوري ڏني وئي آهي.

ڪراچي ۾ اينٽي ڪرپشن ڪميٽي ون جو اجلاس چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ روينيو، آبپاشي، لوڪل گورنمينٽ ۽ رورل ڊيوپلمينٽ کاتن ۾ بدعنوانين جي 46 ڪيسن جو جائرو ورتو ويو.

اجلاس ۾ زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ بدعنوانين جي ٻين ڪيسن  ۾ڄامشوري جي اڳوڻي ڊي سي آيو خان مري، نوشهروفيروز ۾ روينيو جي اڳوڻي عملدار مشتاق ميمڻ، ۽ ڪي ڊي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر عبدالقوي خان سميت 31 آفيسرن خلاف بدعنوانين جي جاچ لاءِ 6 ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جي منظوري ڏئي  وئي.

اجلاس ۾ 12 ڪروڙ رپين جي بدعنوانين  ۾ 16 ڪيسن جي اوپن انڪوائري جي به منظوري ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*