سبي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ هڪ کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

baloch-map

سبي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ هڪ کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻٽي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار بختيار احمد کي موت ۽ فياض احمد، يار محمد ۽ غلام فاروق کي 14-14سال قيد جي سزا ٻڌائي.

واضح رهي ته 2014ع ۾ چئني جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*