هاءِ ڪورٽس اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ مداخلت بند ڪن، ضروري ناهي ته هاءِ ڪورٽس جي هر فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي:چيف اليڪشن ڪمشنر

Election--11-11

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان چيو آهي ته هاءِ ڪورٽس اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ مداخلت بند ڪن، ضروري ناهي ته هاءِ ڪورٽس جي هر فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.

 فيصل آباد جي يوسي 67 ۾ هڪ اميدوار جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ٻيهر اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر سخ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

سردار رضا چيو ته ضروري ناهي ته ڪيسز جي نوعيت ۽ حساسيت موجب فيصلا ڪيا ويندا آهن، هاءِ ڪورٽس اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪن.

سردار رضا وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ خودمختيار ادارو آهي، عدالتي مداخلت سان معاملا حل ٿيڻ بدران ويتر رولڙي جو شڪار ٿي رهيا آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*