جوهي ۾ روزاني ڪوشش جي رپورٽر ايم بي ٻٻر تي سياسي جماعت جي ڪارڪنن پاران تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو

johi-MB

جوهي ۾ روزاني ڪوشش جي رپورٽر ايم بي ٻٻر تي سياسي جماعت جي ڪارڪنن پاران تشدد خلاف سياسي سماجي تنظيمن طرفان احتجاج ڪيو ويو.

سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ صحافين قربان کوکر ۽ هاشم کوسي جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هفتو اڳ ڦلجي روڊ وٽ واپڊا پاران ٽرانسفارمر لاهڻ دوران ڪوريج ڪرڻ تي سياسي جماعت جي ڪارڪنن روزاني ڪوشش جي رپورٽر ايم بي ٻٻر تي تشدد ڪيو پر پوليس ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هڪ هفتي کان احتجاج باوجود پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي،

هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن صحافيءَ تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*