بيگناهه ماڻهو مارائڻ شريف ڀائرن جي پراڻي عادت آهي عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته بيگناهه ماڻهو مارائڻ شريف ڀائرن جي پراڻي عادت آهي،فيصل آباد ۾ نون ليگ جي  گلو بٽن تياري سان ڪارڪنن تي حملو ڪيو ۽ جنهن جي اڄ ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس.

اسلام آباد ۾ بني گالا مان فيصل آباد روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته فيصل آباد ۾ ڪنهن کي دڪان بند ڪرائڻ لاءِ نه چيو هو.

هن چيو ته پر امن احتجاج کي تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر جڏهن هٿياربند گوليون هلائي رهيو هو ته پوليس تماشو ڏسندي رهي.

عمران خان چيو ته راڻا ثناءُ الله اڳ ۾ چيو هو ته پي ٽي آءِ وارن کي ڏسي رهنداسين ۽ هاڻي ڏسڻو آهي ته انهن جو لاهور ۾ ڪهڙو رويو هوندو.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي بابت انصاف گهري رهيا آهيون، اليڪشن ٽربيونل جيڪو فيصلو ڏنو آهي، اهو ڏيڍ سال بدران هفتي ۾ اچي ها ته بهتر ٿئي ها.

هن چيو ته 30 نومبر تي مولانا فضل الرحمان نواز شريف جي چوڻ تي اسان جي ڪارڪنن جا رستا روڪيا پر اسان خاموش رهيا سين.

عمران خان چيو ته بيگناهه ماڻهو مارائڻ شريف ڀائرن جي پراڻي عادت آهي،فيصل آباد ۾ نون ليگ جي  گلو بٽن تياري سان ڪارڪنن تي حملو ڪيو ۽ جنهن جي اڄ ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*