پاڪ-ڀارت سيريز لاءِ حڪومت کي خط لکيو آهي پر اڃا ڪوبه جواب موصول نه ٿيو آهي:راجوڊ شڪلا

pak-vs-india

انڊين پريمئير ليگ جي چيف راجوڊ شڪلا چيو آهي ته پاڪ-ڀارت سيريز لاءِ حڪومت کي خط لکيو آهي پر اڃا ڪوبه جواب موصول نه ٿيو آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت پاران پاڪستان سان هلندڙ مهيني شيڊول ٻه طرفي سيريز جي اجازت  نه ملڻ جو امڪان وڌي ويو آهي ،جنهن سبب سيريز ٿيڻ وارا امڪان گهٽ ٿي وياآهن.

ڀارتي ميڊيا جي پورٽس ۾چيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت پاڪستان سان رٿيل سيريز بابت انڊين ڪرڪيٽ بورڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني حڪومت پاران ڪرڪيٽ بورڊ کي  ڀارت سان سيريز جي اجازت بعد انڊين ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي حڪومت کان سيريز جي اجازت طلب ڪئي هئي.

هڪ هفتو گذرڻ باوجود ڀارتي حڪومت پاران انڊين ڪرڪيٽ بورڊ کي سيريز بابت مثبت جواب نه مليو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ مطابق ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيريز هلندڙ مهيني شيڊيول ٿيل آهي،جنهن دوران ٽي-ون ڊي ۽ ٻه ٽي-ٽوئنٽي ميچز کيڏيون وينديون.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سيريز گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪندي سيريز سريلنڪا ۾ کيڏڻ جو مطالبو ڪيو،جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ راضي ٿيو، پر هن وقت تائين بي سي سي آءِ جي اجازت واري درخواست تي ڀارتي حڪومت پاران ڪو به جواب نه مليو آهي،جنهن سبب سيريز ٿيڻ وارا سمورا امڪان ختم ٿي ويا آهن.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سينئر عهديدار راجيو شڪلا جوچوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت پاڪ-ڀارت سيريزبابت اجازت واري خط جو ڪوبه جواب نه ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*