ڀارتي ڪرڪيت بورڊ کي ٻه طرفي سيريز کيڏڻ بابت هاڻي جلدي فيصلو ڪري ٻڌائڻ گهرجي:شهريارخان

shahryar-khan

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيت بورڊ کي ٻه طرفي سيريز کيڏڻ بابت هاڻي جلدي فيصلو ڪري ٻڌائڻ گهرجي.

پي سي بي چيئرمين شهريارخان ڀارت سان ٻه طرفي سيريز بابت اڃا تائين گهڻو پراميد آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريارخان جو چوڻ هو ته ڀارت کي جيڪڏهن سيريز کيڏڻي آهي ته جلد ان بابت فيصلو ڪري اگاهه ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت سيريز بابت جلدي جواب نه ڏنو ته سيريز ٿيڻ مشڪل ٿي ويندي، ڇاڪاڻ جو سيريز جا انتظام ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وڃي بچيو آهي.

هن چيو ته وزير اعظم پهرين ئي سيريز بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اجازت ڏئي چڪو آهي،جنهن بعد هاڻي بال ڀارتي حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي.

—————–

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*