پي ايس ايل جي نيلامي جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي،جنهن ۾ 5 ادارن ايندڙ 10 سالن جي لاءِ 93 لک ڊالرز ۾ پنج ٽيمون خريد ڪري ورتيون آهن

najam-sathi

پاڪستان سپر ليگ جي ڊائريڪٽر نجم سيٺي چيو آهي ته پي ايس ايل جي نيلامي جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي،جنهن ۾ 5 ادارن ايندڙ 10 سالن جي لاءِ 93 لک ڊالرز ۾ پنج ٽيمون خريد ڪري ورتيون آهن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته ليگ جو ٽائيٽل اسپانسر حبيب بينڪ لميٽڊ هوندو ۽ ليگ جو پورو نالو ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ هوندو.

هن چيو ته اسپانسر جو مدو ٽن سالن لاءِ هوندو، جڏهن ته ٽي وي رائيٽس گڏيل عرب امارتن جي ٽيڪ فرنٽ کي ڏنا ويا آهن.

هن چيو ته ڪوئٽه جي ٽيم عمر ايسوسيئٽس، پشاور جي ٽيم کي هائر ڪمپني جي جاويد آفريدي، ڪراچي جي ٽيم کي اي آر وائي گروپ، اسلام آباد جي ٽيم کي ليونائن گلوبل ۽ لاهور جي ٽيم کي قطر آئل ڪمپني خريد ڪيو آهي.

نجم سيٺي وڌيڪ چيو ته پاڪستان سپر ليگ ايندڙ سال 4 فيبروي کان 23 فيبروري تائين شارجه ۽ دبئي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ڪوچز منتخب ڪرڻ ۾ 10 ڏينهن لڳي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*