ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف جاري چوٿين ٽيسٽ ميچ اجنڪيا رهاني جي بيٽنگ سبب ٽيم جي پوزيشن مصبوط ٿي آهي:ويرات

verat-kohli25-8

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف جاري چوٿين ٽيسٽ ميچ اجنڪيا رهاني جي بيٽنگ سبب ٽيم جي پوزيشن مصبوط ٿي آهي،جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان هاشم آملا چيو آهي ته سندن ڀرپور ڪوشش هوندي ته آخري ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪن.

ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ چئن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي آخري ٽِيسٽ ميچ نئين دهلي ۾ جاري آهي.

ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي پهرين ڏينهن ٽاس کٽي بيٽنگ جوفيصلو ڪيو ۽ پهرين ڏينهن 7 وڪيٽن جي نقصان تي 231رنز اسڪور ڪيون.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان چيوته ڀارتي پچز تي تنقيد اجائي آهي، هر ملڪ جون پنهنجو ڪنڊيشنز هونديون آهن،جنهن ۾ پچز جو ڪردار موسم سبب ظاهر ايندو آهي.

ان موقعي تي ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان هاشم آملا جوچوڻ هوته سيريز جي آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪندا.

هن وڌيڪ چيو ته آخري ٽِيسٽ ميچ ۾ ڊيل اسٽين جي انفٽ هجڻ سبب ٽيم جي بالنگ تي اثر ٿيو آهي پر ان هوندي به سمورن بالرز پهرين ڏينهن بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*