خالد محمود سومرو بهادر شخص هيو سندس قتل سنڌ لاءِ نقصان آهي فريال ٽالپر

پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر چيو آهي ته خالد محمود سومرو   بهادر شخص هو، سندس قتل سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهي ۽  قتل جون اصل حقيقتون جلد سامهون اچي وينديون.

لاڙڪاڻي ۾ شهيد خالد محمود سومرو جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته خالد محمود سومرو جي قتل جي جاچ هلي  رهي ۽  اميد آهي ته اصل قاتل جلد بي نقاب ٿيندا.

فريال ٽالپر چيو ته خالد محمود سومرو هڪ بهادر شخص هو، جنهن جي شهادت سان سنڌ کي وڏو نقصان رسيو آهي.

فريال ٽالپر وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي    هميشه ڌرڻن واري سياست جي مخالفت  ۽ جمهوريت جي حمايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*