عمران خان جو ڪو به پلان ناهي هو رڳو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو احسن اقبال

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جو ڪوبه پلان نه آهي، هو رُڳو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، لڳي ايئن ٿو ته هاڻي پي ٽي آءِ وارن سان ڳالهين لاءِ گڏيل قومن واري اداري کي گهرائڻو پوندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته حڪومت اڄ به تحريڪ انصاف وارن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر لڳي ايئن ٿو هاڻي هنن سان ڳالهين لاءِ گڏيل قومن واري اداري کي گهرائڻو پوندو.

هن چيو ته عمران خان جو ڪو به پلان نه آهي، هو رُڳو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هن کي ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*