عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ جو چيمپئن آهي رتوڇاڻ جي ذميواري قبولي پرويز رشيد

سڌ سماءُ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته  عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ جو چيمپئن آهي، کيس اعتراف ڪرڻ گهرجي ته فيصل آباد جي ماڻهن سندس سڏ کي موٽ نه ڏني، جنهن تي هنن هٿ سان رتو ڇاڻ ڪرائي، منجهس اخلاقي جرات هجي ته فيصل آباد ٿيل رتوڇاڻ جي ذميواري قبولي ها.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز رشيد چيو ته جمهوري قوتن پلان اي، بي ۽ سي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته پلان سي ملڪ ۾ ڏُڦيڙ پکيڙڻ آهي، جڏهن ته سندس پلان اي جمهوريت تي حملو ڪرڻ هو.

هن چيو ته عمران خان پاڻ اسلام آباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۾ چوندو رهيو آهي ته انهن کي ڳچين مان پڪڙيو، گهليو ته اهي جملا ڀڙڪائڻ نه آهن ته ڇا آهن؟

هن چيو ته عمران خان پي ٽي وي تي حملي جي هدايت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، چيائين ته هو ڪنٽينر ۾ سُتل هو ۽ کيس ڪا خبر ئي نه هئي، جيڪا ڳالهه غلط ثابت ٿي.

هن چيو ته فيصل آباد ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو سڄي قوم ڏٺو آهي ته ڏنڊا ڪنهن جي هٿ ۾ هئا، پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪنهن پئي ڪئي؟

هن چيو ته فيصل آباد جي سموري غنڊه گردي عمران خان جي چوڻ تي ٿي آهي، کيس پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ گهرجي ۽ تسليم ڪرڻ گهرجي ته فيصل آباد جي ماڻهن سندس سڏ کي موٽ نه ڏني.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*