عامر خان جي فلم پي ڪي 19 ڊسمبر تي رليز ٿيندي

بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان  پنهنجي فلم پي ڪي جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي.

عامر خان پنهنجي فلم پي ڪي جي مشهوري مهم لاءِ هن وقت ڀارت جي شهر اتر پرديش ۾ موجود آهي جتي فلم جي سموري ڪاسٽ پهتل آهي فلم جي مشهوري مهم جي تقريب دوران ڳالهائيندي اداڪار  عامر خان جو چوڻ هو ته هن فلم ۾ ڪيل سندس ڪردار ۽ فلم جي ڪهاڻي تمام گهڻي دلچسپ آهي جيڪا ڏسندڙن کي پسند ايندي ۽ خاص طور تي فلم ۾ ڳالهايل سندس ڀوجپوري زبان ۽ حد کان وڌيڪ کاڌل پان پسند ايندو.

اداڪار عامر خان سنجي دت ۽ انوشڪا شرما جي فلم پي ڪي 19 ڊسمبر تي رليز ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*