پاڪستان ۾ فوجي آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي افغانستان آيا,دنيا مان آيل دهشتگرد افغانستان ۾موجود آهن:افغان صدر

Ashraf-ghani

افغان صدر اشرف غني، افغانستان ۾ امن لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي پاڪستان جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته افغان مهاجرن جي واپسي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن جا خواهشمند آهيون.

اسلام آباد ۾ هارٽ آف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغان صدر اشرف غني چيو ته افغانستان ۾ تڪرارن جو ڪارڻ دهشتگرد گروپ آهن، سڄي دنيا مان آيل دهشتگرد افغانستان ۾موجود آهن.

هن چيو ته تحريڪ طالبان پشاور ۾ معصوم ٻارڙن تي وحشياڻو حملو ڪيو،  پاڪستان ۾ فوجي آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ دهشتگرد گروپ فرار ٿي افغانستان آيا، ڪابل خطي جي ٻين ملڪن جي به جنگ وڙهي رهيو آهي.

افغان صدر اشرف غني جو چوڻ هو ته  افغان مهاجرن جي واپسي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، لکين افغان مهاجرن جي ميزباني تي پاڪستان سرڪار جا ٿورائتا آهيون.

اشرف غني وڌيڪ چيو ته افغانستان سڪيورٽي، معيشت ۽ روزگار جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سمورن هٿياربند گروپن کي هٿيار ڦٽا ڪري سياسي عمل جو حصو بڻجڻ پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته چين، ترڪمانستان ۽ ٻين ملڪن سان مختلف منصوبن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي پر سستي رفتاري سبب پاڪستان سان راهداري منصوبا شروعاتي مرحلن ۾ آهن، اميد آهن ته انهن تي جلد عمل ڪيو ويندو.

ان کان اڳ افغان صدر اشرف غني پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهتو ته نور خان ايئربيس تي وزيراعظم نواز شريف  ۽ ٽنهي هٿياربند فوجين جي سربراهن سندس آجيان ڪئي.

ان موقعي تي افغان صدر کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ هٿياربند فوج جي جٿن کيس سلامي پڻ ڏني………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*