سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي اڳوڻن سربراهن کي جوڊيشل الائونس ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ خلاف درخواست تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي 14 جنوري تي طلب ڪري ورتو

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي اڳوڻن سربراهن کي جوڊيشل الائونس ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ خلاف درخواست تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي 14 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ۽ سکر جي اڳوڻن سربراهن ظفر احمد شيرواني ۽ ظهير الدين لغاري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سيشن جج جي حڪم باوجود اليڪشن ڪميشن کين جوڊيشل الائونس ۽ ٻيون مالي مراعتون فراهم نه ڪيون آهن.

عدالت اهڙي درخواست تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي 14 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*