دادو ويجهو مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

dadu-map

دادو ويجهو مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ۽ ماتلي ڀرسان ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

دادو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل جي ٽڪر لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان الهورايو ۽ حسن جوڻيجو ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

حادثي جي نتيجي ۾ خانپور واسي نصير جسڪاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن بعد فوتين جا لاش ۽ زخمي کي دادو سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ماتلي ويجهو ٽنڊو غلام علي روڊ تي تيز رفتار ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾  7 عورتن ۽ ٽن ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

زخمين ۾ ناري فهميده، عارفه، ٻارڙي معزه، سلمه، سرور، زبيده، شڪوري، سروري، محمد، حنيف، بشير احمد، عبدالشڪور، ٻارڙي عطيه، سفير ۽ ٻيا شامل آهن، جن  کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*