آءِ جي کي قانون جي ڄاڻ ناهي، ان کي وردي ۾ رهڻ جو حق ناهي:چيف جسٽس

Supreme-Court-Islamabad-

سـُپريم ڪورٽ، غير قانوني مقررين، ڀرتين ۽ ڊيپوٽيشن واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جي غير مشروط معافي واري استدعا رد ڪندي عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ ۽ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين سيد ممتاز علي شاهه خلاف جنوري جي ٻي هفتي ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جنهن آءِ جي کي قانون جي ڄاڻ ناهي، ان کي وردي ۾ رهڻ جو حق ناهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ غير قانوني مقررين، ڀرتين ۽ ڊيپوٽيشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ،اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين سيد ممتاز شاهه، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل غلام سرور عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت ڊيپوٽيشن تي آفيسرن کي مقرر ڪرڻ بابت عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پوليس انسپيڪٽر فيصل ڦلپوٽو کي اينٽي ڪرپشن ۾ موڪليو ويو آهي، جيڪا عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي.

اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين سيد ممتاز شاهه چيو ته سندس کاتي آفيسر جي مقرري بابت ڪا به ريڪوزيشن نه ڏني وئي.

آءِ جي سنڌ ۽ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين سيد ممتاز علي شاهه عدالت کي استدعا ڪئي ته کين غير مشرط معافي ڏني وڃي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*