سانگهڙ ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

sanghar-map

سانگهڙ ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن جا لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

 چڪ نمبر 2 پٺاڻ ۾ بجلي جي تار ڪرڻ بعد ڪرنٽ لڳڻ سبب 60 ورهين جو محمد شفي پٺاڻ ۽ 40 ورهين جي عورت زينب  ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

فوتين جا لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،  لاش گهر پهچڻ ڪري ڪهرام مچي ويو………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*