سـُپريم ڪورٽ، بجلي بلز تي اضافي سرچارج وصولي کان روڪڻ وارو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل

superemcourt12-8

سـُپريم ڪورٽ، بجلي بلز تي اضافي سرچارج وصولي کان روڪڻ وارو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صارفين ڏانهن سرچارج جي مد ۾ رهيل رهتون قسطن جي صورت ۾ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ بجلي بلز تي سرچارج جي وصولي روڪڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم سان کين وڏو نقصان ٿيندو، صارفين ڏانهن ڪروڙ رپين جي مد ۾ رهتون رهيل آهن.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ کين سرچاج جي مد ۾ رهيل رهتون ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي حڪم ڏنو ته صارفين ڏانهن سرچارجز جي مد ۾ رهيل رهتون قسطن جي صورت ۾ وصول ڪيون وڃن.

 سپريم ڪورٽ، اها به هدايت ڪئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ، بجلي سرچارج بابت ڪيسز جي ڪارروائي نه ڪري…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*