سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي 36 ملازمن کي هٽائڻ ۽ پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي نوٽيس جاري

larkanasindh-highi-cort

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي 36 ملازمن کي هٽائڻ ۽ پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي نوٽيس جاري ڪندي 16 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو جي جج عبدالرسول ميمڻ ۽ محمد اقبال مهر تي ٻڌل ڊبل بئنچ ڪنڌڪوٽ ميونسپل ملازمن جي داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

 درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي 36 ملازمن کي سياسي بنيادن تي جبري طور هٽايو ويو آهي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي هٽايل سمورن ملازمن جون گذريل ٽن سالن پگهارون بند آهن، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

عدالت اهڙي درخواست تي سيڪريٽري لوڪل گونمينٽ کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي 16 ڊسمبر تي ذاتي طور عدالت ۾  طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*