اليڪشن ڪميشن سانگهڙ ۾ رتوڇاڻ جي خدشي سبب ملتوي ڪيل مڪاني چونڊون 17 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Election--11-11

اليڪشن ڪميشن سانگهڙ ۾ رتوڇاڻ جي خدشي سبب ملتوي ڪيل مڪاني چونڊون 17 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان  ڪندي نوٽيفڪيشن جاري  ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين ضلعن جي 81 تڪن جون نئين سرتڪبندين وارو عمل وقت سر مڪمل نه ٿيڻ سبب شيڊول جاري نه ڪيو ويو.

مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي دوران درازا سانحو پيش اچڻ سبب چيف سيڪريٽري سنڌ جي سفارش تي ٻئي مرحلي دوران سانگهڙ ۾ رٿيل چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون.

اليڪشن ڪميشن، سانگهڙ ۾ مڪاني چونڊن جي نئين تاريخ جو اعلان ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت پولنگ 17 ڊسمبر تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سانگهڙ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ صبح جو ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندي، جيڪا بنا ڪنهن ساهيءَ جي شام جو ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهندي.

ذريعن موجب، سنڌ جي حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بدين، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد سميت ٻين ضلعن جي 81 تڪن تي تڪبنديون وارو عمل پورو نه ٿيڻ سبب شيڊول جاري نه ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، تڪبندين وارو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ڄاڻايل 81 تڪن تي چونڊ شيدول جو اعلان ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*