دولتپور ۾ سئي گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف عورتون ڏنڊا ۽ ٿانو کڻي گهرن کان ٻاهر نڪري آيون

dulatpur

دولتپور ۾ سئي گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف عورتون ڏنڊا ۽ ٿانو کڻي گهرن کان ٻاهر نڪري آيون ۽ شهر بند ڪرائي قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏي، انتظامه جي خاطري کانپوءِ ٽن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سئي گيس جي  لوڊشيڊنگ کان بيزار تي دلتپور شهر جون سوين عورتون ڏنڊا، ويلڻ، توا ۽ ٻيا ٿانو کڻي گهرن کان ٻاهر نڪري آيون ۽ شهر مڪمل طور بند ڪرائي ڇڏيو.

عورتن پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت آمنه آرائين، نصرين راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

مظاهرو ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته کاڌو بچائڻ وقت سوئي گيس مڪمل طور بند ٿي ويندو آهي، جنهن ڪري هو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيون آهن.

سئي گيس انتظاميا مظاهرين سان ڳالهيون ڪري رد پچاءَ جي وقت سئي گيس جي لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ 3 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيوويو……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*