سنڌ جي سينيئر تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته رينجرز جي صوبي ۾ رهڻ ۽ اختيارن ۾ واڌ جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري ورتي ويندي

  Nisar Khuhro

    سنڌ جي سينيئر تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته رينجرز جي صوبي ۾ رهڻ ۽ اختيارن ۾ واڌ جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري ورتي ويندي.

          ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته رينجرز جو ڪم ٽارگيٽ ڪلرز، ڀنگ لاءِ اغوا، ڀته خورن ۽ دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ آهي.

     هن چيو ته  رينجرز جي سنڌ ۾ مقرري واري مدي ۾ جولاءِ مهيني  دوران هڪ سال لاءِ واڌ ڪئي وئي هئي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ رينجرز جي صوبي ۾ رهڻ ۽ اختيارن ۾ واڌ جي  منظوري ورتي ويندي.

   نثار کهڙي چيو ته سنڌ حڪومت رينجرز کي سڏائڻ جو اختيار رکي ٿي ۽ رينجرز کي امن جي قيام خاطر پوليس جي مدد لاءِ طلب ڪيو ويو هو.

   هن چيو ته آئين  جي آرٽيڪل 147 تحت رينجرز کي ٻين ڪاررواين لاءِ  وڏي وزير  کان اڳواٽ اجازت وٺڻ ضروري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*