گڏيل اپوزيشن حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد پي آءِ اي جي نجڪاري واري معاملي لاءِ پارلياماني ڪميٽي لاءِ نالا تجويز ڪري ڇڏيا

pia

 گڏيل اپوزيشن حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد پي آءِ اي جي نجڪاري واري معاملي لاءِ پارلياماني ڪميٽي لاءِ نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن، شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ۾ پي آءِ اي يونين جي اڳواڻن کي به شامل ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي پارلياماني ليڊر شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل اپوزيشن پاران پي آءِ اي جي نجڪاري تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي نمائندگي اسد عمر ڪندو.

هن چيو ته پيپلزپارٽي نويد قمر، جماعت اسلامي صاحبزاده طارق الله ۽ اي اين پي غلام محمد بلور جا نالا ڏنا آهن، جڏهن ته قومي وطن پارٽي پاران آفتاب شيرپائو ۽ عوامي مسلم ليگ جو شيخ رشيد به ڪميٽي جو حصو هوندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڪميٽي پنهجيون سفارشون جوڙي پارليامينٽ ۾ پيش ڪندي، جنهن بعد حڪومت ڪو فيصلو ڪري سگهندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*