سماج لاءِ احتساب ضروري آهي ۽ ڪرپشن خلاف سڀني کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي: مولابخش چانڊيو

mola-bux

ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ واڪ ۽ ريليز ڪڍيون  ويون آهن، سڌ سماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته سماج لاءِ احتساب ضروري آهي ۽ ڪرپشن خلاف سڀني کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ نيب ۽ ٽرانسپيرنسي انٽر نيشنل جي ميزباني هيٺ ٿيل واڪ ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو، ڊي جي نيب ڪرنل رٽائرڊ سراج الحق نعيم ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي، واڪ ۾ شريڪ پاڪستان جو سڀ کان وڏي قد وارو نصير سومرو شهرين جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو.

ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو ته سماج لاءِ احتساب ضروري آهي ۽ ڪرپشن خلاف سڀي کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته عوام ڪرپشن خلاف اٿي کڙو ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان بهتري ڏانهن وڌي رهيو آهي.

ڊي جي نيب ڪرنل رٽائرڊ سراج الحق نعيم  چيو ته جن آفيسرن خلاف شڪايتون مليون آهن، انهن خلاف اوليت جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته وائيٽ ڪالر ماڻهن ملڪ جون پاڙون ڪمزور ڪري رهيا آهن.

ڊي جي نيب چيو ته دنيا ۾ 2ڏهائي 5 کرب رپين جي ڪرپشن ٿئي، روس، چين ۽ ڪئناڊا ۾ به ڪرپشن ٿئي، انهن جا وسيلا وڌيڪ هئڻ سبب ڪرپشن جو سندن معيشت تي اثر نٿو پوي.

نوابشاهه ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڊي سي محمد نواز سوهو جي اڳواڻي ۾ واڪ ڪيو ويو.

ٽنڊو محمد خان ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي اي ڊي سي خالق مرزا جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي شهر جو گشت ڪيو ويو.

نوابشاهه ۾ ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن تي ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي وئي.

سکر  ۾

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*