پاڪستان، افغانستان ۾ ڊگهي مدي لاءِ امن چاهي ٿو، وزيراعظم نواز شريف ۽ افغان صدر جو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ساڳيو ويزن آهي:سرتاج عزيز

sartaj-aziz-karachi

وزيراعظم جي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته افغانستان ۾ مفاهمتي عمل جي حمايت ڪئي ويندي، وزيراعظم نواز شريف ۽ افغان صدر اشرف غني جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ ئي ويزن آهي.

اسلام آباد ۾ افغان پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سرتاج عزيز چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهيون.

هن چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ ڊگهي مدي لاءِ امن چاهي ٿو، وزيراعظم نواز شريف ۽ افغان صدر جو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ساڳيو ويزن آهي.

 ان موقعي تي ڳالهائيندي افغان پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني چيو ته ايشيا ڪانفرنس جي هدفن جو تعين ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم  آهي، ان لاءِ گڏيل ڪوششون وٺڻ لازمي آهن.

افغان پرڏيهي وزير چيو ته ايشيا ڪانفرنس جي پڌرائي تي عمل لاءِ اعليٰ ملاقاتون ڪيون وينديون، دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪي سلامتي لاءِ اعلي سطحي ملاقاتون به ضروري آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*