پاڪستان اي ڪرڪيٽ ٽيم خلاف پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ ڪينيا ٽيم لاهور پهچي وئي

پاڪستان اي ڪرڪيٽ ٽيم خلاف پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ ڪينيا جي ٽيم لاهور پهچي وئي آهي.

سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم تي 3 مارچ 2009 ۾ لاهور جي لبرٽي چونڪ تي دهشتگردن جي حملي بعد ڪينيا دنيا جي پهرين ٽيم آهي جنهن پاڪستان جو دورو ڪيو آهي.

لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد ڪينيا جي ٽيم کي سخت سيڪيورٽي اندر قذافي اسٽيڊيم نيو ويو، ان موقعي ته پوليس ڪمانڊوز جو وڏو انگ ٽيم جي بس سان گڏ هو.

ڪينيا جي ٽيم پاڪستان اي جي ٽيم خلاف پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

پهرين ميچ 13 ڊسمبر ، ٻين 15، ٽين ميچ 16، چوٿين ون ڊي ميچ 18 ۽ آخري ميچ 20 ڊسمبر تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

واضح رهي ته پنج ون ڊي ميچز واري سيريز جي هر ميچ 45 اوورس ۾ ٻڌل هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*