فيصل آباد ۾ انٽرويو جي تاريخ بار بار تبديل ٿيڻ تي عورت اميدوارن پاران پاڻي جي ٽينڪي تي چڙهي احتجاج

faslabad

 فيصل آباد ۾ انٽرويو جي تاريخ بار بار تبديل ٿيڻ تي عورت اميدوارن پاران پاڻي جي ٽينڪي تي چڙهي احتجاج ڪيو ويو.

فيصل آباد جي اي ڊي او آفيس ۾ نرسنگ اسٽاف ۾ ڀرتي لاءِ آيل اميدوارن کي ٻڌايو ويو ته انٽرويو ملتوي ڪيو ويو آهي، جنهن بابت ٻاهر نوٽيس به لڳايو ويو هو.

 انٽرويو ملتوي ٿيڻ خلاف عورت اميدوارن پاران اي ڊي او هيلٿ جي آفيس آڏو ڪارڊيالوجي سينٽر جي پاڻي جي ٽينڪي تي چڙهي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي.

اسپتال انتظاميه پهچي سڪيورٽي اهلڪارن جي مدد سان پاڻي جي ٽانڪي تي احتجاج ڪندڙ عورت اميدوارن کي هيٺ لاٿو.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته بار بار انٽرويو جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي، وٽن احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*