پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان سمورا تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو: وزيراعظم نواز شريف

nawazm

 وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان سمورا تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، تاپـِي گيس پائيپ لائين منصوبو مڪمل ٿيڻ سان خطي اندر معاشي ترقي ۾ تيزي ايندي.

شهر اشڪ آباد ۾ ترڪمانستان جي مستقل غير جانبداري جي 20 هين سالگرهه جي موقعي تي عالمي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي وزيراعظم نوازشريف ڪئي، جڏهن ته افغان صدر اشرف غني، ترڪ صدر رجب طيب اردگان، ڀارت جي نائب صدر  حامد انصاري ۽ بيلاروس جي صدر سميت 65 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هـُو ويهين سالگرهه جي موقعي تي ترڪمانستان جي وزيراعظم ۽ عوام کي واڌايون پيش ڪري ٿو، پاڪستان پهريون ملڪ آهي، جنهن ترڪمانستان جي خودمختياري کي تسليم ڪيو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا  پهريان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته پاڪستان  امن جو خواشمند آهي ۽ خطي جي سمورن ملڪن سان لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته علائقي رابطن جي پاليسي مضبوط بڻائڻ تي يقين رکون ٿا، تاپي گيس پائيپ لائين منصوبو مڪمل ٿيڻ سان معاشي ترقي ۾ تيزي ايندي.

ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪمانستان پهتل وزيراعظم نواز شريف تاپي گيس پائيپ لائين جي افتتاحي تقريب ۾ به شرڪت ڪندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*