سنڌ حڪومت ڪراچي آپريشن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نٿي چاهي:مولابخش چانڊيو

mola-bux

سڌ سماءَ بابت  وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي آپريشن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نٿي چاهي ۽  اميد آهي ته رينجرز جي اختيارن وارو معاملو ايندڙ سومر تائين حل ٿي ويندو.

حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊئي چيو ته چوڌري نثار کي بيان ڏيڻ وقت صورتحال جي حساسيت جو اندازو ڪرڻ گهرجي.

صوبائي صلاحڪار چيو ته سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا وفاقي ادارا سرگرم ٿي ويا آهن، جيڪي اڳ ۾ ڪڏهن به نه آيا هئا.

مولابخش چانڊيو ته رينجزر  کي سنڌ حڪومت گهرايو ۽  اختيار ڏنا انڪري معاملي کي تڪراري نه بڻايو وڃي.

صوبائي صلاحڪار چيو ته هو وڏي وزير جي وفاقي ادارن بابت بيان کي غلط نٿو سمجهي ۽ وفاقي ادارن جي سرگرمين سبب سنڌ ۾ سمورو نظام ڊانواڊول ٿي ويو هو.

هن چيو ته ايف آءِ اي وفاقي ادارو آهي ان کي وفاقي ادارن تي نظر رکڻ گهرجي.

هن چيو  ڪراچي ۾ امن لاءِ رينجرز ضروري آهي ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي آپريشن تي ڪڏهن به بي اعتمادي ظاهر نه ڪئي آهي.

مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي آپريشن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نٿي چاهي ۽  اميد آهي ته رينجرز جي اختيارن وارو معاملو ايندڙ سومر تائين حل ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*