ڪراچي آپريشن جاري رهندو، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي:پرويز رشيد

parvez-rashid

سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ڪراچي آپريشن جاري رهندو، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار رينجرز جي اختيارن بابت اڄ تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته پيپلزپارٽي سميت سمورين پارٽين ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪئي هئي، پ پ هاڻي ڪراچي آپريشن تي خدشا ظاهر ڪري رهي آهي.

هن چيو ته نيب جوڳن ثبوتن جي بنياد تي ڪارروائي ڪري رهي آهي،  ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته هو سنڌ ۾ رينجرز اختيارن واري معاملي تي ڪجهه نه ڳالهائيندو، ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اڄ شام تفصيلي بريفنگ ڏيندو.

 هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته عمران خان جي ڀارت ۾ نريندر مودي سان ملاقات وزيراعظم نواز شريف جي پاليسين تي عمل جو نتيجو آهي، عمران خان ڀارت ۾ پاڻ کي سياستدان نه پر رانديگر طور پيش ڪيو.

پرويز رشيد چيو ته عمران خان کي رڳو ڪرڪيٽ سيريز تي ڳالهائڻ بدران ڪشمير سميت ٻين اهم معاملن تي به ڳالهائڻ گهرجي ها………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*