اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ضلعي جي ملتوي ڪيل مڪاني چونڊن جو نئون شيڊيول جاري

hyderabad-elec

اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ضلعي جي ملتوي ڪيل مڪاني چونڊن جو نئون شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، حيدرآباد ضلعي ۾ چونڊ نشان تبديل ڪرڻ سبب ملتوي ڪيل مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 17 ڊسمبر تي ڪرائي ويندي، جڏهن ته تڪبندي تي اعتراضن سبب ضلعي جي مختلف ميونسپل، ٽائون، وارڊز ۽ يونين ڪائونسلز جي چونڊ لاءِ پولنگ 30 ڊسمبر تي ٿيندي.

ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو ڄام، يونين ڪائونسل حاجي سانوڻ گوپانگ، هوسڙي وارڊ 6 تي تڪبندي تي اعتراض سبب مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊيول موجب مڪاني چونڊن لاءِ اميدوارن   کي 14 ڊسمبر تي نامزدگي فارم جاري ڪيا ويندا، جيڪي 15 ڊسمبر تائين جمع ڪرائي سگهبا، 16 ڊسمبر تي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ٿيندي.

نئين شيڊيول موجب 17 ڊسمبر تي نامزدگي فارمن جي منظور ٿيڻ يا نه ٿيڻ خلاف اپيل ڪري سگهبي، 18 ڊسمبر تي اپيلن تي فيصلو ڪيو ويندو، اميدوار 19 ڊسمبر تائين هٿ کڻي سگهندا، جڏهن ته 20 ڊسمبر تي اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي ويندي ۽ 30 ڊسمبر تي پولنگ ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ضلعي ۾ چونڊ نشان تبديل ٿيڻ سميت مختلف سببن جي ڪري ملتوي ڪيل مڪاني ادارن جي چونڊ لاءِ 17 ڊسمبر تي پولنگ ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول موجب يونين ڪميٽي 8 سٽي حيدرآباد، يونين ڪميٽي 53 لطيف آباد، يونين ڪميٽي 87 وارڊ 4، قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي وارڊ 10، ٽائون ڪميٽي هوسڙي جي وارڊ هڪ کان پنج ۽ يونين ڪائونسل ســَينهوار تي پولنگ 17 ڊسمبر تي ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*