ڌرتيءَ سان ڌڙڪڻ ۽ سوچڻ جي سرِي هيٺ سڀاڻي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پروگرامن کي حتمي شڪل

ekta-day12-12-15,

ڌرتيءَ سان ڌڙڪڻ ۽ سوچڻ جي سرِي هيٺ سڀاڻي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پروگرامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

ڪي ٽي اين نيوز پاران اڄ رات ستِين وڳي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ايڪتا تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ راڳ رنگ جي محفل به ٿيندي.

ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اڄ رات ٻارهين وڳي ڏيئا ٻاري ايڪتا تقريبن جي باقاعده شروعات ڪئي ويندي.

جسقم چيئرمين صنعان قريشي سڀاڻي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي ميڙاڪن ۾شرڪت جي هدايت ڪئي آهي.

ميرپور خاص ۾ ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب ۾ ٿيندي، جنهن ۾ مختلف ريليون شريڪ ٿينديون.

سکر ۾  ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب اڳيان رکي وئي آهي، جتان ايڪتا ريلي پڻ ڪڍي ويندي.

لاڙڪاڻي ۾ ايڪتا جي مک تقريب جناح باغ چوڪ تي ٿيندي، جنهن ۾ ننڍيون وڏيون ريليون شريڪ ٿينديون.

باڊهه ۾ درگاهه چوڪ کان ريلي ڪڍي ڪي ٽي اين نيوز جي آفيس آڏو مک تقريب منعقد ڪئي ويندي، ڏوڪري، باقراڻي ۽ ٻين شهرن ۾ به ننڍيون وڏيون ريليون ڪڍيون وينديون.

خيرپور ۾ خاڪي شاهه پل کان ايڪتا جي مک ريلي ڪڍي ويندي، جيڪا ممتاز گرائونڊ تي رٿيل تقريب ۾ پهچندي.

نوابشاهه ۾ ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب ۾ ٿيندي، ڄام صاحب، بڇيري،  قاضي احمد، سڪرنڊ، ٻانڌي ۽ دوڙ ۾ به ريليون ڪڍيون وينديون.

نوشهري فيروز ۾ ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب آڏو ٿيندي، ڀرياسٽي، ڪنڊيارو، ٺاروشاهه، محرابپور، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ به ايڪتا تقريبون ٿينديون.

مٺياڻي ۾ مستوئي هائوس تي ايڪتا مچ ڪچهري ٿي، جنهن ۾ ناليوارن فنڪارن غلام رباني چانڊيو، غلام سرور گاڏهي ۽ ٻين قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

دادو ۾ ايڪتا جي مک تقريب ايس پي چوڪ تي ٿيندي،  ميهڙ ۽ جوهي ۾ به ايڪتا جي حوالي سان پروگرام رٿيل آهن.

سيوهڻ ۾ مک ايڪتا تقريب پريس ڪلب آڏو ٿيندي، جنهن جي پڄاڻي تي درگاهه لعل شهباز قلندر تي دعا گهري ويندي، جڏهن ته سن ۾ مک تقريب سائين جي ايم سيد چوڪ تي ٿيندي.

سيتا روڊ جي رحماني روڊ پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي جهمريون پاتيون.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ مختلف قومپرست تنظيمن پاران سڀاڻي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

راڌڻ جي الطاهر پبلڪ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو.

ٽنڊو ڄام ۾ ايڪتا مرڪزي ريلي زرعي يونيورسٽي ڪالوني مان نڪرندي، جنهن بعد پريس ڪلب آڏو تقريب منعقد ڪئي ويندي.

ٽنڊو قيصر، کيسانا موري، موسيٰ کٽياڻ، چکي، ٽنڊو حيدر، آبڙي، راهوڪي ۽ ٻين علائقن مان به ريليون نڪرنديون.

ٽنڊي محمد خان ۾ ايڪتا جي مک تقريب اسٽيشن روڊ پريس ڪلب تي ٿيندي، بلڙي شاهه ڪريم، ٽنڊو غلام حيدر، ملان ڪاتيار، سيري، لاکاٽ، نظرپور ۽ ٻين شهرن  ۾ ريليون ڪڍيون وينديون.

ٽنڊو الهيار: ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب تي ٿيندي، نصرپور، بڪيرا شريف، چمبڙ، مسڻ، سنجر چانگ، خواجا ڳوٺ، يارو لنڊ، جهنڊو مري مان ريليون نڪرنديون.

چمبڙ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان رب رضا هاءِ اسڪول، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ چائلڊ ويلفيئر اسڪول سميت ٻين مختلف اسڪولن ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون، شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي لباس پائي قومي گيتن تي رقص ڪيو.

سانگھڙ ۾  پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ويندي، جيڪا سڄي شهر جو گشت ڪندي، جهول، سنجهورو، ٽنڊو آدم، ڪنڊياري، کپرو، کڏڙو، مقصودو رند، شاهپور چاڪر، سرهاڙي ۽ ڄام نواز علي ۾ به ايڪتا ريليون ڪڍيون وينديون.

ٺٽي ۾ ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب تي ٿيندي، مڪلي ۽ ڇتو  چنڊ سميت ٻين علائقن مان به ريليون نڪرنديون.

سجاول: ايڪتا جي مک تقريب پبلڪ پارڪ  تي ٿيندي، ٻيلو شهر، لوڊو ٻارڻ، ڪياماڙي ۽ مونارڪي مان ايڪتا ريليون ڪڍيون وينديون.

بدين ۾ ايڪتا جي تقريب ايوان صحافت آفيس آڏو ٿيندي، جڏهن ته مرڪزي ريلي الله والا چوڪ کان  نڪرندي.

تلهار، سيراڻي، ترائي،جهڏو، ڪڍڻ مان ايڪتا ريليون ڪڍيون وينديون.

مٺي ۾ ايڪتا جي مک تقريب ٽائون ڪاميٽي گرائونڊ تي ٿيندي، جنهن ۾ مختلف ريليون شريڪ ٿينديون، تقريب دوران  امن جا پکي اڏاريا ويندا.

ننگرپارڪر آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو.

جيڪب آباد ۾ ايڪتا جي مک تقريب ڊي سي چوڪ تي ٿيندي، جنهن ۾ ننڍيون وڏيون ريليون شرڪت ڪنديون.

ٺل ۾ ايڪتا جي مک تقريب رهبر چوڪ تي ٿيندي، مختلف علائقن مان ريليون شريڪ ٿينديون.

گهوٽڪي ۾ مختلف علائقن مان ايڪتا ريليون نڪرنديون، پريس ڪلب اڳيان مک تقريب منعقد ڪئي ويندي.

ميرپور ماٿيلَي ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن ڳوٺن مان ريليون ڪڍي باءِ پاس تي مک تقريب منعقد ڪئي ويندي.

اوٻاوڙَي جي مين چوڪ ۽ ڏهرڪي ۾ پريس ڪلب اڳيان ايڪتا جي مک تقريب  منعقد ڪئي ويندي.

خانپور مهر ۾ سنڌو چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويندي، جنهن بعد پنجگلا چوڪ تي مک تقريب ٿيندي.

ڪنڌڪوٽ ۾ ايڪتا جي مرڪزي تقريب پريس ڪلب اڳيان منعقد ٿيندي، جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن مان نڪرندڙ ريليون شريڪ ٿي وينديون.

ڪشمور ۾ پريس ڪلب اڳيان ايڪتا جي مک تقريب ٿيندي، بخشاپور ۾ ايڪتا جي مک تقريب محراب خان ڊومڪي جي پيٽرول پمپ تي ٿيندي.

تنگواڻي ۾ رهبر چوڪ، غوثپور ۾ بس اسٽاپ ۽ ڪرمپور ۾ پوسٽ آفيس چوڪ تي ايڪتا جون مک تقريبون رٿيون ويون آهن.

قمبر ۾ ايڪتا جي مک تقريب ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيندي، گاجي کهاوڙ، نصير آباد، لالورائنڪ، ميرو خان ۽ وڳڻ سميت مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾  ايڪتا ريليون به ڪڍيون وينديون.

شهداد ڪوٽ جي مختلف علائقن مان ايڪتا ريليون ڪڍيون وينديون، جيڪي ڪوٽو موٽو چوڪ تي رٿيل مک تقريب ۾ شامل ٿي وينديون.

قبَي سعيد خان ۾ مک تقريب ٽي ايم اي آفيس ۽ ميرو خان ۾ مگسي پيٽرول پمپ تي ٿيندي.

بهرام ۾ دبئي پيٽرول پمپ، وڳڻ  مين بس اسٽينڊ، لالو رائنڪ ۾ شهيد بشير تنيو چوڪ، وارهه ۾ شهيد فاضل راهو چوڪ ۽ نصير آباد ۾ پبلڪ پارڪ ۾ مک تقريب ٿيندي.

عمرڪوٽ ۾ مختلف علائقن مان ريليون ڪڍي الله والي چوڪ وٽ پريس ڪلب اڳيان مک تقريب منعقد ڪئي ويندي، راڳي ايوب ساگر ۽ ٻيا فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا.

ڀيل ۽ ڪولهي پنچائت پاران ڏانڊين تي ڊانس ڪئي ويندي، جڏهن ته اٺ کي سينگاري ڊانس ڪرائي ويندي.

ڄامشوري ۾ ايڪتا جي مک تقريب ڪاوش ۽ ڪي ٽي نيوز آفيس آڏو ٿيندي، مختلف علائقن کان ريليون پهچنديون، جنهن بعد موسيقيءَ جي محفل ٿيندي ۽ انساني زنجير ٺاهي ويندي.

مٽياري ۾ مختلف هنڌن تان پريس ڪلب تائين ريليون ڪڍيون وينديون، لاکيڻي لطيف جي نگريءَ تي مرڪزي تقريب ٿيندي، جنهن ۾ هالا ۽ سعيدآباد مان ريليون به پهچنديون.

نصرپور ۾ ايڪتا جي مک تقريب مهراڻ چوڪ تي ٿيندي، جنهن ۾ ٻارڙا ٽيبلوز پيش ڪندا، جڏهن ته شام جو ملاکڙو ۽ رات جو مچ ڪچهري ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*