سڄي سنڌ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍي تقريبون منعقد ڪيون ويون

bhan-ekta01

سڄي سنڌ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍي تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن، جنهن دوران ٻارڙا، ٻڍڙا توڙي عورتون ثقافتي لباس پائي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.

 بدين  جي نيشنل ڪاليج تي اجرڪ جو 20 فوٽ جهنڊو ڦڙڪائي ايڪتا تقريبن جي شرعات ڪئي وئي، ان دوران شاگردن پاران شهرين ۾  مٺايون ۽ گل ورهايا ويا.

بدين ۾ مک ريلي الله والا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي جنهن ۾ ن ليگ، فنڪشنل ليگ، جسقم، سنڌ تقرقي پسند پارٽي، تبديلي پسند نيٽورل، سچوا،آپڪا فشر فوڪ فورم، گسٽا، پ ٽ الف شهيد فاضل راهو فائونڊيشن، واپاري اتحاد، ميڊيڪل ايسوسئيشن، ادبي سنگت، قومي عوامي تحريڪ، سومرا اتحاد، گوپانگ اتحاد ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي.

ايڪتا ڏهاڙي تي سانگهڙ ۾ پريس ڪلب چوڪ تي مک تقريب جاري آهي، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آهي.

 تقريب ۾ نوجوان توڙي ٻڍڙا ثقافتي لباس پائي قومي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.

 سنڌڙي ۾ پريس ڪلب آڏو فنڪشنل ليگ ۽ حر ينگ فورم پاران مک ايڪتا تقريب جاري آهي،  گرهوڙ شريف ۽ ڦلهڏيون ۾ ايڪتا ريليون ڪڍي سنڌي گيتن جهمريون هنيون پيون وڃن.

سنڌڙي پريس ڪلب کان فنڪنشل ليگ پ پ ايس ٽي پي ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي شهر جوگشت ڪري رهي آهي

نوابشاهه ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران نويد شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  نڪتل  ايڪتا ريلي پريس ڪلب پهچي وئي، چنگچي رڪشه يونين، خاصخيلي برادري ،ماروئڙا ويلفيئر ايسوسيشئن پاران نڪل ريليون پريس ڪلب  پهچڻ بعد تقريب جاري آهي.

نوابشاهه ۾ حق صوفي عزم وولڊ جي چيئرمين فقير جي ايم مست پروازي  جي اڳواڻي ۾ سوسائٽي کان ايڪتا ريلي ڪڍي وئي آهي، جنهن ۾ مشتاق فقير ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام ڳائي شهرين کي جهومائي ڇڏيو.

نوابشاهه جي ڳوٺ صاحب خان بهراڻي ،آرائين برادري، بروهي ويلفيئر ايسوسئيشن، دوستي گروپ ۽ وارڊ نمبر 22 مان منظور گجر جي اڳواڻي ۾ ريليون پريس ڪلب پهتيون.

ڀنگوار ويلفيئر ايسوسيئشن، پ پ يوٿونگ پاران پهلوان خان زرداري، جسقم پاران فرمان سنڌي جي اڳواڻي ۾  ۽ ايس ٽي پي پاران اطهر شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي پريس ڪلب پهچڻ بعد قومي گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن.

    ڀرياسٽي  جي مختلف شهرن مان سياسي سماجي تنظيمن پاران نڪتل ريليون مک چوڪ تي پهچي ويون آهن، جتي سنڌي گيتن تي رقص ڪيو پيو وڃي.

   ايڪتا ڏهاڙي تي قاضي احمد  جي مختلف ڳوٺن مان سياسي سماجي تنظيمن پاران نڪتل ايڪتا ريليون شهر پهچي ويون آهن.

ڄام پير محلا مان نوجوان ساجد انڙ، شبير انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ۾ به سنڌي گيتن تي رقص ڪيو پيو وڃي.

ٽنڊو غلام علي کان پريس ڪلب کان نڪتل ريلي پريس ڪلب کان ٿيندي مير بند علي چوڪ تي تقريب جاري آهي جتي شام جو مچ ڪچري منعقد ڪئي وئي آهي.

ڪوٽڙي ۾ ملڪ شاهنواز، صادق شورو، ارباب نور محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جي ريلي المدينا چوڪ تي پهچڻ بعد تقريب جاري آهي.

 ڪوٽڙي ۾ جسقم، ايس يو پي، ايس ٽي پي پ پ شهيد ڀٽو پاران ڌار ڌار ايڪتا ريلوين ڪڍي سنڌي گيتن تي رقص ڪيو پيو وڃي.

ڄام صاحب جي درگاهه سخي ڄام ڏاتار جي سجاده نشين فقير نويد وستڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي مک چوڪ تي پهچڻ بعد پ پ، جسقم، پ پ شهيد ڀٽو، سنڌ سولنگي ويلفيئرآرگنائيزيشن ۽ ٻين تنظيمن پاران شرڪت بعد ٻيهر سخي ڄام ڏاتار جي درگاهه تي پهچي سنڌ جي خوشحالي کاءِ دعا ڪئي وئي.

شادي لارچ ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب آڏو مک تقريب جاري آهي، جنهن ۾ سنڌي گيت وڄائي جهموريون هنيون پيون وڃن.

ٺٽي جي ڇتو چنڊ، مڪلي، فقير جو ڳوٺ ۽ شاهي بازار  مان نڪتل ريليون پريس ڪلب پهچڻ بعد سنڌي گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن.

ٿاڻو بولا خان جي ڳوٺ عارب خان ۾  صالح محمد برهماڻي پاران گهوڙن جي ڊوڙ منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڀلا گهوڙا ڍوڙ ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

گولاڙچي ۾ ڪڙيو گنهور، کورواهه ۽ ترائي مان نڪتل ايڪتا ريليون شهيد فاضل راهو چوڪ تي رٿيل تقريب ۾ شريڪ ٿي رهيون آهن.

نصرپور جي ميمڻ محلا پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب دوران شاگردن استادن پاران قومي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.

ڪنڌرا ۾ پريس ڪلب آڏو ايڪتا تقريب جاري آهي، جنهن ۾ سوين ماڻهو ثقافتي لباس پائي سنڌي گيتن تي جهمهريون هڻي رهيا آهن.

ڄامشو ۾ ڪاوش آفيس آڏو مختلف علائقن کان نڪتل ريليون پهچڻ بعد تقريب جاري آهي جنهن ۾ نوجوان قومي گيتن تي جهمريون هڻي رهيا آهن.

مورو شهر جي مختلف علائقن کان نڪتل ايڪتا ريليون پريس ڪلب پهچي ويون آهن، جتي فنڪار سرن جي ورکا ڪري رهيا آهن.

خانپور مهر ۾ مختلف سياسي سماجي تنظمين پاران نڪتل ريليون پريس ڪلب  آڏو پهچڻ بعد هٿن ۾ هٿ ڏئي انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو،  جڏهن ته پنج گلي چوڪ تي راڳ رنگ جي محفل جاري آهي.

باقراڻي پريس ڪلب ۾ ايڪتا تقريب جاري آهي،  جنهن ۾ ٽوپيون اجرڪ پهريل نوجوان قومي گيتن تي رقص ڪري رهيا آهن.

مٺي ۾ جي مختلف علائقن مان ايڪتا ريليون ٿر پريس ڪلب پهچڻ بعد تقريب جاري آهي، جنهن ۾ راحب فقير، شنڪر ڀڳت، عارب فقير ٻيا سرن جي ورکا ڪئي وئي ۽ ان موقعي تي  امن جا ڪبوتر اڏايا ويا.

 ايڪتا ڏهاڙي تي مٺي ٽائون ڪميٽي چوڪ تي راجپوت برادري ۽ ٺڪر برادري پاران هزارين سال پراڻو تلوارن تي رقص ڪيو ويو.

مک تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري سنڌي ماڻهن  کي خوشي ڏني آهي.

راڌڻ جي ريلوي ڦاٽڪ کان نڪتل ايڪتا ريلي پريس ڪلب پهچڻ بعد تقريب جاري آهي، جنهن ۾ سنڌي  گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن.

دوڙ ۾ جسقم ايس يو پي ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران نڪتل ريلي پريس ڪلب پهچڻ بعد تقريب جاري آهن، جنهن ۾ سنڌي گيتن تي رقص جاري آهي.

تلهار ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي ڀاواني شگر مل کان ريلي پريس ڪلب پهچڻ بعد ٽوپيون اجرڪون پهريل نوجوان سنڌي گيتن تي رقص ڪري رهيا آهن.

ٽنڊو الهيار پريس ڪلب ۾ ڳوٺ دلال ٿيٻو  ۽ ٻين علائقن کان ريليون پهچڻ بعد خوشي وچان قومي گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن.

ٽنڊو الهيار ۾ ڀيل باشعور فورم پاران ايڪتا ريلي پريس ڪلب پهچڻ بعد قومي گيتن تي رقص ڪيو پيو وڃي.

کپرو جيم خاني کان سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ نوجوان سنڌي گيتن تي رقص ڪري رهيا آهن.

 گولاڙچي ۾ ايڪتا جي مک ريلي شهيد فاضل چوڪ تا نڪتي آهي، جنهن ۾  سوين ماڻهو شريڪ ٿي سنڌي  گيتن تي رقص ڪري رهيا آهن.

شهداپور ۾ سنڌ پروگريسو فورم ۽ جسقم پاران ڌار ڌار ايڪتا ريليون ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو.

ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو ايڪتا تقريب ۾ ٻيجل سنڌي ۽ ٻين پاران ثقافتي لباس بائي سنڌي گيتن تي جهموريون هنيون پيون وڃن.

تقريب کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراهه قادر مگسي  جو چوڻ هو ته ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري سنڌي ماڻهن کي پاڻ ۾ محبت ڪرڻ جو درس ڏنو آهي.

جهڏو ۾ قومي عوامي تحريڪ مين روڊن کان نڪتل بئنڪ تائين ريلي

    خانپور: مک تقريب عيد گاهه ۾ جاري آهي، جنهن ۾ سوين نوجوان جو قومي گيتن تي رقيص جاري آهي   *  سجاول: ميمڻ برادري پاران 15 فوٽ جي وڏي ٽوپي ٺاهي کڻي شهر جو گشت ڪيو ويو پيو وڃي اجرڪ موتين جي ٽهيل ٽوپي لڻي شهر وج گشدت پيو وڃڄي   *

ميرپور ماٿيلي ۾ پريس ڪلب کان ايڪتا ريلي  شهر جو گشت ڪرڻ بعد ٻيهر پريس پهچڻ بعد تقريب جاري آهي، جنهن سنڌي گيتن تي رقص جاري آهي.

ڇاڇري ۾ ويرين ناري چوڪ کان ايڪتا ريلي پريس ڪلب ڏانهن  پريس ڪلب پهچڻ بعد تقريب جاري آهي، جنهن م سنڌي گيتن تي رقص ڪيو پيو وڃي.

ڪنڊيارو شهر جي مختلف علائقن کان نڪتل ايڪتا ريليون مک چوڪ تي پهچڻ بعد تقريب جاري آهي، جنهن ۾ نوجوان قومي گيتن تي جهموريون هڻي رهيا آهن.

اسلامڪوٽ سوين شهرين جي ريلي پريس ڪلب پهچڻ بعد ٽوپيون اجرڪون پهريل نوجوان قومي گيتن تي رقص ڪري رهيا آهن.

   ٽنڊو آدم ۾ جسقم، پ پ شهيد ڀٽو، پ پ يوٿونگ، ايس يو پي، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران نڪتل تريليون پريس ڪلب پهچڻ بعد قومي گيتن تي رقص ڪيو پيو  وڃي.

پڱريو ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي سياسي سماجي تننظيمن پاران  هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب

ميرواهه گورچاڻي: پريس ڪلب اڳيان مک تقريب، شهر ۽ ڀرپاسي مان ايڪتا ريليون پهچي رهيون آهن

شاهپور چاڪر: پريس ڪلب ٻاهران مک تقريب، عيد گاهه تان ريليون پهچڻ شروع

*   خانواهڻ: سياسي سماجي تنظيمن، شاهه لطيف فائونڊيشن، جسقم، جسمم، ۽ سڇوا پاران ريلي ڪڍي شاهه لطيف ڪالوني عيد گاهه چوڪ تائين ريلي    * سامارول ايڪتا تقريب پريس ڪلب اڳيان جاري آهي، صوفياڻي رانگ جي محفل جنهن ۾ پ پ ايم اين نواب يوسف تالپور ٻين شرڪت ڪئي، ڪي تي کي ٻڏڌايو ته علي قاض سنڌي ماڻهن کي  گڏ آهي، جنهن جي ڀليڪار چون ٿا ، جسقم پاران ڳوٺ کارڙو خاصخيلي مان ريکلي ڪڍي وئي،      *  ڏوڪري: مدين الت علم پبلڪ اسڪول پاران پريس ڪلب تئاين جشن جي صورت ۾ ريلي   *   ءٌٽنڊو چام: مرڪخزي ريلي زرعي ڪالوني مان ريلي مڪتي آهي، پرس ڪلب تائين    * چمبڙ: ايڪتا ريلي ايس ٽي پي، پ پ جسقم، ٻين تنظيمن پاران ريلي غلام علي روڊ کان واپس ٿيندي ڪاوش آفيس اڳيان تقرينب ٿيندي

شاهپور چاڪر: ڳوٺ عمر ڏاهري ۾ ڳوٺاڻي ترقياتي ويلفيئر تنظيم طرفان ثقافتي تقريب جاري، شاعر، اديب ۽ سگهڙ شريڪ سيتا روڊ: پريس ڪلنب ۾ جسقم پاران ترقريب جاري آهي    *   کوسڪي: پ پ اڳواڻ اصغر علي شاه جي اڳواڻي ۾ ريلي، ڀرڳڙي اتحاد پاران سارنگ جي اڳواڻي ۾ رلي قومي آرمي فارم شهر ڪجو گشت ڪيو ڪري رهي آهي شوگر مل اڳيان تقريب   *   خانواهڻ: سياسي سماجي تنظيمن، شاهه لطيف فائونڊيشن، جسقم، جسمم، ۽ سڇوا پاران ريلي ڪڍي شاهه لطيف ڪالوني عيد گاهه چوڪ تائين ريلي    *

ريلي   *   ءٌٽنڊو چام: مرڪخزي ريلي زرعي ڪالوني مان ريلي مڪتي آهي، پرس ڪلب تائين    * چمبڙ: ايڪتا ريلي ايس ٽي پي، پ پ جسقم، ٻين تنظيمن پاران ريلي غلام علي روڊ کان واپس ٿيندي ڪاوش آفيس اڳيان تقرينب ٿيندي   *  ٺري ميرواهه: ميرواهه پل کان سياسي سماجي تمطين پارنا فاضل رهو چولڪ تي تقريب جاري   *  ڪوٽڙي ۾ جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين سياسي سماجي تنطيمن پاران ريلي ڪڍي شهر جو گشت جو اڳواڻي ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان پريس ڪلب تائين   *  چوهڙ جمالي؛: پريس ڪلب جسقم، پ ت الف، سنڏي ادبي سنگت، ايس ٽي پي ، جسم، ٻين تنظيمن جون ريليون پيس ڪلب مين پس اسٽاپ تي   *   ميرو خان: ٽوپي اجرڪ پائي مختلف تنظيمن پاران هاءِ اسڪپول جي استادن جسقم .، ٻين تنظيمن پاران دهل شرنائن تي عرضي ڀتو ڍچوڪ وٽ جهمورين

  دولتپور ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي مکل ريلي جوليا موڙ کان نڪري وئي آهي، جنهن ۾شهرين جو وڏو انگ شريڪ آهي پريس ڪلب اڳيان تقريب ٿيندي   *   ٽنڊو محمد خان: اسٽيشن رود کان سيون شذهرين جي ريلي شهرين جي وڏي اجنگ ۾ شرڪت مهراڻ چوڪ تي تقيب ۾ سشمال آهين سنڌي گيتن تي ڪجهمورين

سجاول پريس ڪلب اڳيان ايڪتا جي مک تقريب شروع ٿي وئي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ ٻارڙا توڙي ٻڍڙا ثقافتي لباس پهري قافلن جي صورت ۾ پهچي رهيا آهن.

جاتي: مين بس اسٽينڊ کان مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون پهتيون، فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.

مٺياڻي: شهر جي چوڪ تي رٿيل مک تقريب ۾ اين پي پي، جسقم، ايس ٽي پي، سنڌ نيشنل طرفان ڪڍيل ريليون پهتيون، قومي گيتن تي جهمريون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*