سنڌ جي ٻين شهرين جيان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايڪتا جون تقريبون ٿي رهيون

khi-Ekta13

سنڌ جي ٻين  شهرين جيان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايڪتا جون تقريبون ٿي رهيون، جن ۾ مختلف علائقن کان نڪرندڙ ريليون پهچنديون.

ڪراچي ۾ ايڪتا ڏينهن جي مک تقريب پريس ڪلب وٽ  ٿي رهي آهي، جڏهن ته گلشن حديد مان جسقم چيئرمين  صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ نڪرندڙ ريلي  به مک تقريب ۾ پهچندي.

شهر جي ٻين علائقن مان به مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون پيون وڃن.

حيدرآباد  ۾ مک تقريب سنڌ ميوزيم وٽ  رٿيل آهي، جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن کان نڪرندڙ ريليون شرڪت ڪنديون.

ريليز ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهو  ايڪتا جو اظهار  ڪري رهيا آهن، جڏهن ته قومي گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن.

حيدر آباد شهر جي مختلف علائقن ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران به ايڪتا تقريبون ٿي رهيون آهن.

ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ مختلف اسڪولن ۾ به ايڪتا جون تقريبون ٿي رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*