سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، گهوٽڪي، خيرپور، شڪارپور، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو سميت ننڍا وڏا شهر ايڪتا ڏهاڙي تي ثقافتي مالها ۾ پوئجي ويا

ekta-dau

سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور، گهوٽڪي، خيرپور، شڪارپور، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو سميت ننڍا وڏا شهر ايڪتا ڏهاڙي تي ثقافتي مالها ۾ پوئجي ويا، شهر-شهر ۽ واهڻ وستي ۾ ريليون ڪڍي ٻارڙن، نوجوانن، ٻڍڙن توڙي عورتن ڌرتيءَ ماءُ سان محبت جو ثبوت ڏنو، هر طرف ماڻهو قومي گيتن تي جهومندا رهيا.

سکر جي شاليمار ڦاٽڪ کان وڏي ايڪتا ريلي پريس ڪلب پهچڻ بعد مرڪزي تقريب جاري آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ آهن.

شهر جي مختلف علائقن مان سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران ڪڍيل ريليون به مرڪزي تقريب ۾ شريڪ ٿي رهيون آهن، فنڪارن پاران فن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.

پنو عاقل ۾ جسقم ۽ هاري ڪميٽي ريلي پريس اڳيان مک تقريب ۾ پهچي وئي، جنهن ۾ شريڪ ماڻهن مختلف چوڪن تي قومي گيتن تي رقص ڪيو.

لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن مان سياسي سماجي تنظيمن پاران نڪتل ايڪتا ريليون جناح باغ چوڪ تي مک تقريب ۾ پهچڻ شروع ٿي ويون.

تقريب ۾ راڳ رنگ جي محفل ۾ مختلف فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ شريڪ ٻارڙا، نوجوان ۽ ٻڍڙا قومي گيتن تي جهمريون هڻي رهيا آهن.

لاڙڪاڻَي ۾ ايس اين پي پاران الهه آباد کان نصرالله ابڙَي ۽ ملاح برادري پاران نواب زاده احسان ميراڻي ۽ جوڳي برادري پاران غلام شبير جوڳي جي اڳواڻيءَ ۾ ريليون ايڪتا جي مک تقريب ۾ پهتيون، دهل، شرنائين ۽ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون.

رتيديري ۾ مختلف هنڌن تان سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن توڙي شهرين پاران ريليون ڪڍيون ويون، شاهه لطيف پبلڪ پارڪ ۾ ايڪتا جي مک تقريب جاري آهي، جنهن ۾ انساني زنجير ٺاهي ويندي.

ڏوڪري ۾ پبلڪ اسڪول کان پريس ڪلب تائين ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شريڪ ٻارڙن، نوجوانن توڙي ٻڍڙن قومي گيتن تي رقص ڪيو.

خيرپور ۾ ايڪتا جي مک تقريب ممتاز گرائونڊ ۾ جاري آهي، هزارين ماڻهن انساني زنجير ٺاهي ڌرتيءَ سان محبت جو ثبوت ڏنو، جڏهن ته ناليوارن فنڪارن ممتاز ڪنول، ڪفايت گل ۽ ٻين قومي گيت پيش ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

فيض گنج ۾ هاءِ اسڪول گرائونڊ تي مک تقريب ٿيندي لاءِ مختلف هنڌن تان نڪتل ريليون پهچڻ شروع ٿي ويون آهن.

راڻيپور جي ايور شاهين اسڪول ۽ مظفر ماڊل اسڪول ۾ تقريبون منعقد ڪرڻ بعد شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران والدين سان گڏجي ريليون ڪڍي سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀري ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ دعائون به گهريون.

پير ڳوٺ ۾ محب علي چوڪ تان جسقم ۽ راشدي گيٽ کان سنڌ ايريگيشن متحده فيڊريشن جون نڪتل ريليون ڪاوش ڪي ٽي اين نيوز جي آفيس آڏو مک تقريب ۾ پهتيون.

صوفي فقير حميد ميتلو، فقير يعقوب ناريجو، فقير ارشد منگي ۽ ٻين پاران پيش ڪيل قومي گيتن تي ٻارڙا، نوجوان توڙي ٻڍڙا جهومي پيا.

سيٺارجا ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، هنڱورجا ۾ شهيد بشير خان چوڪ کان ريلي نڪتي، جيڪا پريس ڪلب اڳيان رٿيل مک تقريب ۾ پهتي، جتي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي آهي.

ٺري ميرواهه ۾ سياسي سماجي تنظيمن طرفان ريليون ڪڍي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون، جڏهن ته شهيد فاضل راهو چوڪ تي مک تقريب ٿي.

ڪوٽڏيجي پريس ڪلب اڳيان مک تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪنب ۽ ڪوٽ بنگلو مان وڏي انگ ۾ ماڻهو ريلين جي صورت ۾ پهتا.

قمبر ۾ سمورن سياسي سماجي، ادبي ۽ واپاري تنظيمن پاران ڪرڪيٽ گرائونڊ کان دهل ۽ شرنائين تي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهيد ڀٽو چوڪ تي پهچڻ تي جلسو منعقد ڪيو ويو.

تنگواڻي ۾ ڪي ٽي اين آفيس کان مين بس اسٽينڊ تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي مک تقريب منعقد ڪئي آهي، صوفي فقيرن پاران گيڙو ويس پائي تقريب ۾ شرڪت ڪئي آهي.

گهوٽڪي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران 10 کان وڌيڪ ريليون ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ايڪتا جي مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي، شهرين قومي گيتن تي جهمريون هنيون.

ڏهرڪي جي مين جامع مسجد چوڪ تي مک تقريب ٿي، جنهن ۾ شهر جي مختلف هنڌن تان نڪتل قافلا ريلين جي صورت ۾ شريڪ ٿيا، جڏهن ته ڏهرڪي ۾ اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني پاران سهارا پبلڪ اسڪول ۾ تقريب جاري آهي.

جيڪب آباد ۾ جسقم بشير قريشي گروپ، ايس يو پي، پ پ شهيد ڀٽو، چيمبر آف ڪامرس ۽ هندو جنرل پنچائت پاران ريليون ڪڍيل ريليون جيئي سنڌ چوڪ تي پهتيون، جتان ايڪتا جي مرڪزي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو پيو وڃي.

وڳڻ برادري جي چڱي مڙس عبدالرحيم وڳڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ڍڳو ساڻ ڪري ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پريس ڪلب اڳيان رٿيل مک تقريب ۾ پهتي.

ٺل ۾ ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، مزدور وطن دوست ۽ ٻين تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته رهبر چوڪ تي مک تقريب منعقد ڪئي وئي.

دادو ۾ ايڪتا جي مک ريلي پريس ڪلب کان ايس پي چوڪ تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف هنڌن تان نڪتل 50 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون ريليون شامل ٿي ويون،  مک تقريب ۾ ٻالڪ سنڌي ۽ ٻين فنڪارن فن جو مظاهرو ڪيو.

ڀان سيدآباد جي مختلف علائقن مان دهل ۽ شرنائين تي ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي شهر جي مين چوڪ تي پهچڻ تي جلسو منعقد ڪيو ويو.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ مختلف هنڌن تان دهل ۽ شرنائين تي ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي مين بس اسٽاپ تي پهچڻ بعد مک تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، خانپور جوڻيجو مان نڪتل ريلي 10 ڪلو ميٽر مفاصلو طئي ڪري مک تقريب ۾ شريڪ

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي آفيس کان ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پريس ڪلب پهچڻ تي مک تقريب منعقد ڪئي وئي آهي.

گڊو جي واپڊا ڪالوني ليبر ڪلب مان نڪتل ريلي شهر جو گشت ڪرڻ بعد گڊو بئراج تي پهتي، جتي سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي خوشحالي لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي.

شڪارپور ۾ معذور اتحاد، پ پ، جسقم، جسم، نواز ليگ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ينگ اسٽار ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف برادرين پاران ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي جماڻي هال چوڪ تي مک تقريب ۾ پهتيون.

ريلين ۾ شريڪ ماڻهو سنڌي گيتن واري ڌن تي جهومندا رهيا، جڏهن ته مک تقريب ۾ راڳين اياز علي شيخ، بشير احمد ابڙو، فيصل عباس، طفيل هڪڙو ۽ امان الله جمالي سميت ٻين فن جو مظاهرو ڪيو.

لکي غلام شاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو لائبرري آڏو ايڪتا جي مک تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چڪ، رڪ، ڏهر ڳوٺ، ڳوٺ ابراهيم ڏهر ۽ ڀرڪڻ  مان قافلا شريڪ ٿيا.

مدئجي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪڍيل ريليون پريس ڪلب اڳيان مک تقريب ۾ پهتيون، جتي شام ستين وڳي مچ ڪچهري ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*