ڪرپشن جو راڳ الاپي سنڌ کي نشانو بڻايو پيو وڃي، گهرو وزير به 15 ڏينهن حراست ۾ رهي ته ڏوهه قبول ڪري وٺندو:خورشيد شاهه

khursheed shah saahab

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪرپشن جو راڳ الاپي سنڌ کي نشانو بڻايو پيو وڃي، گهرو وزير به 15 ڏينهن حراست ۾ رهي ته ڏوهه قبول ڪري وٺندو.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي حڪومت سان جنگ ناهي، سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءَ پاس ڪرائڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته نواز ليگ سرڪار ڪرپشن ۽ دهشتگردي جو راڳ الاپي رڳو هڪ صوبي کي نشانو بڻائي رهي آهي، ڇا پنجاب ۾ بدامني ۽ ڪرپشن ناهي.

خورشيد شاهه چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو، پر ان باوجود به قومي احتساب بيورو ڪارروائي بدران معاملو لــــئه مٽي ڪري ڇڏيو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز بهتر ڪم ڪري رهي آهي، ٽارگيٽڊ آپريشن سبب صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي، صوبائي حڪومت رينجرز جي اختيارن واري معاملي کي تڪراري نه پئي بڻائي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته ڪٿي ان سموري معاملي ۾ ميان صاحب جو هٿ ته ناهي، ان حوالي سان جائزو ورتو پيو وڃي، نواز شريف ڏيهه واپس اچي هو ساڻس ضرور ڳالهائيندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*