بليڪ ميل ڪرڻ سان ڪراچي آپريشن بند نه ٿيندو،رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي سياست ڪندڙ عوام سان سچا ناهن:عابد شير علي

abid-shar-ali

مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته بليڪ ميل ڪرڻ سان ڪراچي آپريشن بند نه ٿيندو، حڪومت شهر مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين پرعزم آهي، رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي سياست ڪندڙ عوام سان سچا ناهن.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته ڪراچي آپريشن ڪنهن سياسي پارٽي نه پر دهشتگردن خلاف فيصلائتي جنگ آهي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت تي تنقيد جا تير هلائيندڙ ٻڌائين ته هـــــُو ڪراچي ۾ رينجرز جي آپريشن کان ڇو ڊنل آهن؟.

مملڪتي وزير چيو ته ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي، قومي ايڪشن پلان تحت بدامني پکيڙيندڙن جو خاتمو آندو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عابد شير علي چيو ته ڪوبه غلط فهمي ۾ نه رهي، جيڪڏهن ڪراچي ۾ پوليس عملدار ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث نڪتا ته اهي قانون موجب سزا ڀوڳيندو.

عابد شير علي وڌيڪ چيو ته ڪراچي آپريشن ڪنهن سياسي پارٽي نه پر ڏوهارين خلاف آهي، امن جي بحالي لاءِ سڪيورٽي ادارن جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*