ايف آءِ اي عمران فاروق قتل ڪيس جي ٽن جوابدارن کي سڪيورٽي خدشن سبب اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش نه ڪيو

dr-imran-farooq04-9

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪندي کين ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ اَي ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٽن جوابدارن خالد شميم، معظم علي ۽ محسن علي سيد کي اي ٽي سِي جج ڪوثر عباس زيدي آڏو پيش ڪيو.

ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر شهزاد ظفر عدالت کي استدعا ڪندي چيو ته جوابدارن کان جاچ هلندڙ آهي، جنهن ڪري کين ٻن هفتن لاءِ جسماني ريمانڊ تي ڏنو وڃي.

عدالت درخواست منظور ڪندي ٽنهي جوابدارن کي 14 ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*