چئن ڏينهن کان رينجرز کي اختيار نه ملڻ سبب ڪراچي واسين ۾ ڳڻتي آهي پر حڪومت جي نيت ٺيڪ نه آهي:مخالف ڌر

sindh-assembly

فنڪشنل ليگ اڳواڻ شهريار مهر چيو آهي ته چئن ڏينهن کان رينجرز کي اختيار نه ملڻ سبب ڪراچي واسين ۾ ڳڻتي آهي پر حڪومت جي نيت ٺيڪ نه لڳي رهي آهي، اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو آهي ته رينجرز کي هاءِ پروفائيل مرڊر ڪيس ۽ وائيٽ ڪالر ڪرپشن روڪڻ جا به اختيار ڏنا وڃن، پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو آهي ته رينجرز کي غير مشروط اختيار ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس بعد رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فنڪشنل ليگ اڳواڻ شهريار مهر چيو ته چئن ڏينهن کان رينجرز جي اختيارن وارو ٺهراءُ پاس نه پيو ڪيو وڃي، جنهن سبب شهرين ۾ ڳڻتي آهي.

هن چيو ته رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ وارو آرڊر سنڌ حڪومت کي جاري ڪرڻو آهي، ٻڌائي ته رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ ڇو نه پئي ڪئي وڃي.

شهريار مهر چيو ته رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي سنڌ حڪومت جي نيت نه آهي، تنهنڪري معاملو ايجنڊا جي آخر ۾ رکيو وڃي ٿو.

پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته سنڌ حڪومت منصوبابندي تحت رينجرز جي اختيارن وارو ٺهراءُ 11هين نمبر تي رکيو ته جيئن معاملي کي اينگهايو وڃي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم کانسواءِ سموري اپوزيشن متحد آهي، رينجرز کي غير مشروط اختيار ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي.

نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو ته رينجرز کي وائيٽ ڪالر ڪرپشن روڪڻ ۽ قتل جا هاءِ پروفائيل ڪيسن جا اختيار به ڏنا وڃن.

اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ميمبرز کي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي، مائيڪ بند رکيا وڃن ٿا.

هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار نٿي ڏئي ته پوءِ انهيءَ معاملي تي وفاق کي فيصلو ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*