اسپيڪر پاران ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ٽنهي پارٽين جي ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس آڏو سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي

sindh-apossition

سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ وارو ٺهراءُ پيش نه ڪيو ويو، مخالف ڌر ۾ شامل فنڪشنل ليگ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز رينجرز جي اختيارن بابت آئوٽ آف ٽرن ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪيو، جڏهن ته متحده ميمبرز خاموش رهيا، نثار کهڙي چيو آهي ته وزير اعظم ۽ وڏي وزير وچ  ۾ ملاقات دوران رينجرز جي اختيارن وارو معاملو نبيريو ويندو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران فنڪشنل ليگ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز رينجرز جي اختيارن بابت آئوٽ آف ٽرن ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري.

اسپيڪر پاران ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ٽنهي پارٽين جي ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس آڏو سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي.

مخالف ڌر جي ميمبرن چيو ته رينجرز جي اختيارن وارو معاملو اهم آهي، جنهن جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته اهو معاملو ايجنڊا ۾ شامل نه هئڻ سبب هو ان تي ڳالهائڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي.

مخالف ڌر جي ميمبرن جيڪو ڪرپشن جو يار آ غدار آ غدار آر سميت مختلف نعره هنيا، جڏهن ته مخالف ڌر ۾ شامل متحده ميمبرز خاموشي سان  ويٺل رهيا.

اسپيڪر مخالف ڌر جي ميمبرز کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو اڳوڻن وڏن وزيرن ارباب رحيم ۽ لياقت جتوئي جي ڳالهه ٻڌن پر مخالف ڌر جا ميمبرز خاموش نه رهيا ۽ مسلسل نعريبازي ڪندا رهيا.

مخالف ڌر جي سخت احتجاج بعد اسپيڪر اجلاس سڀاڻي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران مختلف وزيرن ڌيان ڇڪايو نوٽيسز جا جواب ڏنا.

 خوراڪ واري وزير ناصر حسين شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته   ٻين صوبن مان چانور ملاوٽ ٿيل اٽو سنڌ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ هو ان کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*