ڏهرڪي ويجهو لڄالٽ بعد باهه ڏئي ساڙي ماريل نينگري سيمان سولنگي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي درخواست بعد عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي

dhahrki-map03-9

ڏهرڪي ويجهو لڄالٽ بعد باهه ڏئي ساڙي ماريل نينگري سيمان سولنگي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي درخواست بعد عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪري نينگري جي لاش جا جزا ورتا ويا.

کينجو واري علائقي ۾ 11 مهينا اڳ زيادتي بعد باهه ڏئي ساڙي ماريل نينگري سيمان سولنگي جي جوڊيشنل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ قبرڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا.

نينگري سيمان سولنگي ۽ سندس ماءُ الهوڌائي کي جوابدارن لڄالٽ کانپوءِ باهه ڏني هئي، جنهن دوران نينگري ٿڏي تي فوت ٿي هئي ۽ سندس ماءُ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

مسمات الهوڌائي هوش ۾ اچڻ بعد بيان ڏنو هو ته کيس ڌيءَ سميت زيادتي جو نشانو بڻائي باهه ڏئي ساڙيو ويو هو، جنهن بعد مسمات الهوڌائي به زخمن جي سٽ نه سهندي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي.

عورت جي بيان جو سپريم ڪورٽ پاران نوٽيس وٺڻ بعد پوليس چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جوابدارن پاران سيشن ڪورٽ گهوٽڪي ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد نينگري جي قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*