رينجرز کي 100 ڪلاڪن اندر اختيار نه ڏنا ويا ته مرحليوار تحريڪ هلائي ويندي:اياز لطيف پليجو

ayaz-latif-palijo

قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته رينجرز کي 100 ڪلاڪن اندر اختيار نه ڏنا ويا ته مرحليوار تحريڪ هلائي ويندي.

حيدر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته رينجرز کي اختيار نه مليا ته پهرين مرحلي ۾ ضلعي ۽ تعلقي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاج سان گڏ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

اياز لطيف پليجي چيو ته ٻئي مرحلي ۾سموري سنڌ ۾ هڙتال ۽ ٽئين مرحلي ۾ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

قومي عوامي تحريڪ جي صدر چيو ته سنڌ ۾ جتي به دهشتگردي ۽ ڪرپشن هجي اتي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي  ۽ ڪراچي آپريشن کي روڪڻ جي ڳالهه ڪندڙ غدار آهن.

هن چيو ته پ پ  ڪراچي آپريشن ۾ رڪاوٽ نه وجهي ۽ وفاق رينجرز معاملي تي پنهنجا اختيار استعمال ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*