ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ايم ڪيو ايم ڪارڪن شڪيل بنارسي خلاف قتل ڪيس ۾ پوليس پاران پيش ڪيل چالان منظور ڪري ورتو

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ايم ڪيو ايم ڪارڪن شڪيل بنارسي خلاف قتل ڪيس ۾ پوليس پاران پيش ڪيل چالان منظور ڪري ورتو آهي، جڏهن ته عدالت بارودي مواد رکڻ ۽ ٻين ڪيسز ۾ متحده جي ٻن ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

 پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن شڪيل بنارسي خلاف چالان عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس موجب جوابدار پنهنجي اعترافي بيان ۾ سياسي پارٽي جي ٻن ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪوآهي ۽ جوابدار اهو به اعتراف ڪيو آهي ته کيس قتل ڪرڻ جا حڪم پارٽي جي مرڪز تان ملندا هئا.

عدالت، پوليس پاران پيش ڪيل چالان منظور ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن عدالت ايم ڪيو ايم لانڍي جي سيڪٽر انچارج رڪن الدين ۽ ڪارڪن توفيق جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

ٻنهي جوابدارن کي رينجرز حراست ۾ ورتو هو ۽ 90 ڏينهن جي رمانڊ بعد ٻنهي کي سهراب ڳوٺ پوليس حوالي ڪيو ويو هو، جوابدارن تي غير قانوني هٿيار ۽ بارودي مواد رکڻ جو الزام آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*