سنڌ جي سينيئر وزير نثار کهڙي چيو آهي ته اسيمبلي مان رڳو رينجرز جي صوبي ۾ مقرري جي منظوري وٺڻي آهي

Ch Nisar 14-12

سنڌ جي سينيئر وزير نثار کهڙي چيو آهي ته اسيمبلي مان رڳو رينجرز جي صوبي ۾ مقرري جي منظوري وٺڻي آهي، باقي اختيارن بابت فيصلو صوبائي حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي، ڏسون ٿا ڪير ڪيئن ٿو سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائي.

سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته رينجرز کي سنڌ ۾ هڪ سال لاءِ گهرايو ويو هو، جنهن جي منظوري گذريل جولاءِ مهيني ۾ وٺڻي هئي پر اسيمبلي جو سيشن ئي نه ٿيو هو.

نثار کهڙي چيو ته هاڻ به سنڌ اسيمبلي مان رينجرز جي صوبي اندر مقرري جي منظوري ئي وٺڻي آهي، باقي رينجرز جي اختيارن وارو معاملو انتظامي آهي، ان بابت فيصلو صوبائي حڪومت ئي ڪندي.

صوبائي وزير چيو ته جنهن دهشتگردي ايڪٽ تحت رينجرز کي 90 ڏينهن لاءِ ماڻهن کي حراست ۾ وٺڻ جا اختيار ڏنا ويا هئا، ان ايڪٽ ۾ به واضح لکيل آهي ته ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ حڪومت کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي.

نثار احمد کهڙي چيو ته سنڌ سرڪار رينجرز کي واپس موڪلڻ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، باقي جيڪڏهن ڪير سنڌ ۾ جمهوري نظام ختم ڪري گورنر راڄ لڳائڻ چاهي ٿو ته ان کي منهن ڏنو ويندو، ڏسون ٿا ته ڪير ڪيئن ٿو گورنر راڄ لڳائَي.

هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته حڪومت جو صوابديدي اختيار آهي ته رينجرز کي هڪ ڊويزن ۾ رکي يا هڪ ضلعي ۾ مقرر ڪري، جتي حڪومت مناسب سمجهندي اتي رينجرز کي مقرر ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*