بلوچستان جي 24 ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيارڻ واري مهم اڄ شروع ٿي وئي آهي

Quetta NGO

بلوچستان جي 24 ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيارڻ واري مهم اڄ شروع ٿي وئي آهي، ٽن ڏينهن دوران 24 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پياريا ويندا.

صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي 24 ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽن ڏينهن واري مهم اڄ شروع ٿي وئي آهي، جنهن لاءِ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

بلوچستان جي صحت واري وزارت موجب ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ مهم دوران 24 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پياريا ويندا.

مهم دوران افغان پناهه گيرن جي 50 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن کي پڻ پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پياريا ويندا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*