سنڌ جي گهرو کاتي خوراڪ کاتي جي سفارش تي ٻين صوبن کان ڪڻڪ ۽ اٽي جي چرپر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

food-mister

سنڌ جي گهرو کاتي خوراڪ کاتي جي سفارش تي  ٻين صوبن کان ڪڻڪ ۽ اٽي جي چرپر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي خوراڪ  کاتي جي سفارش تي قلم 144 تحت ٻين صوبن مان ڪڻڪ ۽ اٽي جي چرپر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

گهرو کاتي ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي  آهي.

گذريل ڏينهن خوراڪ کاتي جي وزير ناصر شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران انڪشاف ڪيو هو ته ٻين صوبن کان ايندڙ ڪڻڪ جي اٽي ۾ چانورن جو اٽو ملاوٽ ٿيل هجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*