ڪراچي ۾ آپريشن کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي آهي، سنڌ حڪومت کي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي:عمران خان

imran-khan-islamabad

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پرڏيهي پاليسي بهتر بڻائڻي پوندي، ڪراچي ۾ آپريشن کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي آهي، سنڌ حڪومت کي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي.

پنجاب جي شهر لوڌران ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته غربت کوکليون ڳالهيون ڪرڻ سان نه پر بهتر پاليسين سبب ختم ٿيندي.

هن چيو ته نواز ليگ سرڪار ملڪ کي قرضي ڪري ڇڏيو آهي، لکين نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي هوٽلن تي ڪم ڪندي نظر ايندا آهن، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته حڪمران جماعت نواز ليگ تحريڪ انصاف کان ڊنل آهي، ڪجهه ماڻهو هوا ۾ تير هلائي رهيا آهن، ننڍي چونڊ ۾ جهانگير ترين ئي ڪامياب ٿيندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي آهي، رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت جي بدنيتي سبب رينجرز جي پوليس وارن اختيارن ۾ واڌ وارو ٺهراءُ اسيمبلي ۾ پيش ناهي ڪيو ويو.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪراچي جو عوام شهر ۾ امن چاهي ٿو، تنهنڪري رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ وارو معاملو اٽڪائـڻ بدران فوري طور حل ٿيڻ گهرجي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*